رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان جمعي ڏينهن منيٰ پيلس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ملاقات ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي عيدالاضحيٰ جون وڌايون ڏنيون ۽ ٻه طرفي سهڪار جي امڪانن ۽ انهن کي مختلف شعبن ۾ هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو.
ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن تي به ڳالهايو.
Prev Post
Next Post
You might also like