بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين سيڙپڪاري، زراعت، صنعت ۽ آءِ سي ٽي ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ اي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي صورتحال، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ عالمي فورسز تي سهڪار تي خيال ونڊيا ويا.
ملاقات دوران چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي (CPEC Phase-II) تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٽين ڌر جي شموليت بابت به گڏيل رضامندي ڏيکاري، جڏهن ته ٻنهي ملڪن سيڙپڪاري، زراعت، صنعت ۽ آءِ سي ٽي ۾ سهڪار وڌائڻ سان گڏ علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي۽ دفاع جي حق ۾ چين جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان چين جي بنيادي مفادن جي مڪمل حمايت جاري رکندو، جڏهن ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ٿيڻ لازمي آهي.
ان موقعي تي چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان جو ڀاءُ ۽ هر موسم جو اسٽريٽيجڪ ڀائيوار آهي، پاڪستان پاران پنهنجي خودمختياري جي دفاع ۾ ڏيکاري ويندڙ ثابت قدمي ساراهه جوڳي آهي.
چين جو سي پيڪ فيز ٽو تي اطمينان جو اظهار، علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
You might also like