موسمياتي تبديليون ڪيلي جي لاءِ خطرو بڻجي ويون

لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين مستقبل ۾ ڪيلن جي پوک نه ڪري سگهندا ڇاڪاڻ ته ماهرن موجب 2080 ۾ اهي خطا پوک لاءِ موزون نه رهندا.

رپورٽ موجب گرمي پد جي وڌڻ، موسمياتي شدت ۽ ٻين مسئلن سبب گوئٽي مالا، ڪوسٽاريڪا ۽ ڪولمبيا جهڙن ملڪن ۾ ميوون جي پوک متاثر ٿي رهي آهي .

ماهرن موجب ڪيلو سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ ميوو آهي ۽ عالمي سطح تي ڪڻڪ، چانورن ۽ مڪئي کان پوءِ چوٿين وڏي غذائي پوک آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.