ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽن موجب ويرات ڪوهلي سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪندي لکيو آهي ته کيس اڇي جرسي پهري 14 سال گذري چڪا آهن.
هن وڌيڪ لکيو ته ان فارميٽ تان رٽائرمنٽ ڏکيو فيصلو هو پر اهو ئي وقت درست هيو. جڏهن ته سندس پرستارن کيس شاندار موٽ ڏني ۽ ڪامياب سفر تي مبارڪون ڏنيون ٻي پاسي ڪجهه مداحن ڏک جو اظهار به ڪيو آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي 123 ٽيسٽ ميچز ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ٽيسٽ ڪيئرير ۾ 9230 رنز ٺاهيون جنهن ۾ 30 سينچري ۽ 31 ففٽيز شامل آهن.