جيڪڏهن فيس بُڪ استعمال ڪندي توهان کي تمام گهڻيون اسپام پوسٽون نظر اينديون آهن ته اهو رڳو توهان سان ناهي ٿيندو.
حقيقت ۾ ڪمپني پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته فيس بُڪ فيڊ بيڪ ۾ تمام گهڻيون اسپام پوسٽون موجود هونديون آهن.
تازو ميٽا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اهڙن ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، فيس بُڪ فيڊ ۾ سدائين اهڙيون پوسٽون موجود ناهن هونديون، جن سان توهان مسلسل لطف اندوز ٿي سگهيو ۽ اسان ان خامي کي درست ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
ميٽا ٻڌايو ته اهڙن واهپيدارن کي پوسٽن جي پهچ محدود ڪئي ويندي، جيڪي ڌيان ڀٽڪائڻ وارا ڪيپشن استعمال ڪندا آهن يا انهن جي پوسٽن جي ڪيپشن جو شيئر ڪيل مواد سان ڪو واسطو ناهي هوندو.
اهڙن واهپيدارن جي اڪائونٽن کي فيس بُڪ تان آمدني لاءِ به اهل نه سمجهيو ويندو.
You might also like