پسند پرڻو ڪري مڪليءَ ۾ رهندڙ بلوچستان واسي جوڙو قتل

ٺٽو (رپورٽر) مڪلي ۾ بلوچستان واسي پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪيو ويو.
مڪلي لڳ درگاھه شيخ عالي وٽ ساون ۽ ثمينا کي قتل ڪيو ويو، ٻئي بلوچستان واسي هئا ۽ پسند پرڻو ڪرڻ کانپوءِ مڪلي ۾ مسواڙ جي گهر ۾ رهندا هئا.
ڊي ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايڇ او مڪلي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا.
پوليس موجب واقعي واري هنڌان قتل ۾ استعمال اوزار مليا آھن ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.