ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سندھ جي مختلف شهرن ۾ ڇنڇر جي شام کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو.
حيدرآباد، ڄام شوري ۽ ٽنڊي الهيار سميت مختلف شهرن ۾ ڇنڇر جي شام کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ حيسڪو ريجن ۾ 300 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ڪري ويا ۽ ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا.
ان کانسواءِ حيدرآباد ۾ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪِرڻ جي واقعن ۾ هڪ شخص فوت، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي ويا.
ٺٽي ۾ شادي جي تقريب ۾ لڳل شاميانا ۽ ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، جنهن سبب 4 ماڻهو زخمي ٿي ويا.
هوڏانهن مٽياري ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب انبن جي باغن کي نقصان پهتو.
Next Post
You might also like