صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن جي وزيراعظم احمد عوض بن مبارڪ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪي حالتن ۾ بهتري ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ڪابينا ۽ عوام طرفان احمد بن مبارڪ تي دٻاءُ هو.
يمن جي عالمي طور تسليم ٿيل حڪومت جي وزيراعظم ڇنڇر ڏينهن پنهنجي استعيفيٰ جو اطلاع ڏنو.
هڪ بيان ۾ مبارڪ چيو ته مان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏنو، جن ۾ حڪومت ۾ تبديلي نه ڪري سگهڻ جو مسئلو به شامل آهي.
You might also like