اپريل ۾ سون 20 هزار 800 رپيا مهانگو ٿيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اپريل مهيني ۾ سون جي اگهه ۾ 20 هزار 800 رپين جي وڏي واڌ ٿي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اپريل جي پڄاڻي تي في تولي سون جو اگهه 3 لک 45 هزار 800 رپيا آهي.
اپريل مهيني ۾ 10 گرام سون 17 هزار 832 رپيا مهانگو ٿيو، جنهن کانپوءِ 10 گرام سون جي قيمت 2 لک 96 هزار 467 رپيا آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ اپريل ۾ سون جو اگهه 192 ڊالر في اونس وڌيو ۽ مهيني جي پڄاڻي تي في اونس قيمت 3 هزار 276 ڊالر رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.