پاڪ فوج هڪ ٻيو ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي هڪ ٻيو ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج ايل او سي تي هڪ ئي ڏينهن ۾ ڀارتي فوج جا ٻه ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي ڇڏيا، تازي ڪارروائي ۾ پاڪ فوج ايل او سي جي ستوال سيڪٽر تي ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرايو آهي.
ڀارتي فوج جو ڪواڊ ڪاپٽر پاڪستاني علائقي ۾ جاسوسي ڪري رهيو هو، ڪيرايل ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر ”فينٽم فور“ آهي.
واضح رهي ته اڄ صبح به پاڪ فوج ڀارتي 5 آسام رجمينٽ جو هڪ ڪواڊ ڪاپٽر ڀمبر مناور سيڪٽر ۾ ڪيرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.