ممبئي (ويب ڊيسڪ) سن رائزرز حيدرآباد جو سريلنڪن رانديگر ڪامندو مينڊس شادي کانپوءِ هني مون ڇڏي آءِ پي ايل کيڏڻ پهچي ويو.
سريلنڪا جو اڀرندڙ آل رائونڊر ڪامندو مينڊس آءِ پي ايل ۾ سن رائزرز حيدرآباد جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، هن چنائي سپر ڪنگز خلاف ميچ دوران ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سريلنڪن اسٽار جي مارچ 2025 ۾ نشني نالي عورت سان شادي ٿي ۽ هو پنهنجو هني مون مختصر ڪندي آءِ پي ايل کيڏڻ ڀارت پهچي ويو.