اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي، فضائي حدن جي ڀڃڪڙي تي اڀينندن جي صورت ۾ ڏنل جواب ڀارت کي ياد هوندو.
نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته ڀارت پهلگام واقعي تي ٻين تي الزام هڻڻ بدران خود احتسابي ڪري، جاچ ڪري ذميوارن جو پتو لڳائي، پاڪستان تي الزام هڻڻ مناسب ناهي، اهو به امڪان آهي ته حملو ڀارت جو فالس فليگ آپريشن هجي.
هن چيو ڀارت کان به ڪير پڇي ته جيڪڏهن والاريل ڪشمير ۾ بي ڏوهه ماڻهو ماريا پيا وڃن ته اتي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان موجود 7 لک فوجي ڇا ڪري رهيا آهن؟ اسان دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا، دهشتگردي سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، پاڪ فوج هر هنڌ دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهي آهي.
You might also like