نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلم اڪثريتي علائقي پهلگام ۾ 26 سياح مارجڻ کانپوءِ سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ ۽ اٽاري چيڪ پوسٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ڀارت پاڪستانين کي سارڪ تحت ويزائون بند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو ته سڀني پاڪستانين جون ڀارتي ويزائون ڪينسل ڪيون پيون وڃن، ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ موجود ڀارتي شهري پهرين مئي تائين اٽاري چيڪ پوسٽ رستي واپس اچي سگهن ٿا.
ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ سڀني دفاعي، فوجي، بحري ۽ فضائي صلاحڪارن کي اڻ وڻندڙ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ڀارتي دفاعي اتاشي کي پاڪستان مان واپس گهرائڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سموري عملي کي 7 ڏينهن ۾ واپس وڃڻو پوندو، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جو عملو محدود ڪيو ويندو، ڀارتي هاءِ ڪميشن جو عملو پهرين مئي تائين 55 مان گهٽائي 30 ڪيو ويندو.
ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو، نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن بند ڪرڻ جو اعلان
Prev Post
You might also like