سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪينال منصوبو قبول ناهي: حافظ حمد الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪينال منصوبو قبول ناهي.
هڪ بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته تڪراري ڪينال منصوبي جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪنداسين، جي يو آءِ سنڌ تڪراري منصوبي خلاف سراپا احتجاج آهي.
هن چيو ته سي سي اءِ جي منظوري کانسواءِ ڪينال اڏڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اهو مسئلو اتفاق راءِ سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو، سوال اهو آهي ته منصوبو اسلام آباد جو آهي يا ڪنهن ٻئي جو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.