ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ واٽر ٽينڪر جي وين کي ٽڪر ۾ هڪ کير پياڪ ٻارڙو فوت، جڏهن ته 6 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب ٽينڪر الجنات شادي هال ڀرسان سوزوڪي وين کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ کير پياڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 6 عورتون شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته ظاهري طور حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽينڪر ضبط ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like