پاڪستاني سائنسدانن سال ۾ 200 آنا ڏيندڙ ڪڪڙ جو نسل تيار ڪري ورتو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي زرعي سائنسدانن سال جي 365 ڏينهن ۾ 200 آنا ڏيندڙ ڪڪڙ جو نسل تيار ڪري ورتو.
فيصل آباد زرعي يونيورسٽي جي اينيمل هسبينڊري شعبي جي سائنسدانن يوني گولڊ جي نالي سان ڪڪڙين جو اهڙو نسل تيار ڪيو آهي، جيڪو ساليانو 200 آنا ڏيڻ ۽ موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي بهتر صلاحيت رکي ٿو.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ٻيون ڪڪڙيون سال ۾ 70 کان 80 آنا ڏينديون آهن پر هنن جي خاصيت اها آهي ته هي سال ۾ 200 کان وڌيڪ آنا ڏينديون آهن ۽ فيڊر لوڊ گهٽ آهي، جنهن سبب اهي هيٽ اسٽريس کي برداشت ڪنديون آهن.
زرعي يونيورسٽي جي سائسندانن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 65 سالن کانپوءِ هڪ اهڙي ڪڪڙ جو نسل تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي، جيڪا ٻهراڙي وارن ماڻهن لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.