جسقم جي هڙتال ڪينالن خلاف ريفرنڊم هو، 25 اپريل تي اهم اعلان ٿيندو: صنعان قريشي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته پاڻي سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهي، ڪينال ڪڍڻ نه ڏينداسين.
حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صنعان قريشي چيو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ سنڌين جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڪو به ڪينال قبول ناهي.
هن چيو ته سنڌ کي ڀت سان لڳائڻ جا خطرناڪ نتيجا سامهون ايندا، جدوجهد ڪرڻ تي سڄي سنڌي قوم کي جس ٿا ڏيون، جسقم جي هڙتال کي ڪامياب ڪري سنڌ جي عوام ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو ته اسان کي ڪو به ڪينال قبول ناهي.
سندس چوڻ هو ته 25 تاريخ تي ايندڙ حڪمت عملي جي حوالي سان اهم اعلان ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.