ممبئي (ويب ڊيسڪ) سال 2005 ۾ رليز ٿيندڙ بالي ووڊ جي مشهور ڪاميڊي فلم ”نو انٽري“ جي شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته ان جو سيڪوئل ”نو انٽري 2“ به اچي رهيو آهي.
ان فلم ۾ ورون ڌون، دلجيت دوسانجهه ۽ ارجن ڪپور مک ڪردارن ۾ نظر ايندا ۽ تازن اطلاعن موجب تمنا ڀاٽيا به ان فلم جو حصو هوندي.
ميڊيا رپورٽن موجب تمنا ڀاٽيا کي فلم ۾ اهم ڪردار لاءِ چونڊيو ويو آهي، ان جو ڪردار پهرئين پارٽ ۾ بپاشا باسو جي ڪردار سان مشابهت رکندڙ هوندو.
فلم ۾ ٻي اسٽار ڪاسٽ به شامل ڪئي ويندي، جنهن لاءِ اداڪارن جي چونڊ جاري آهي.
”نو انٽري 2“ جي شوٽنگ جون يا جولاءِ 2025 ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ان کي ڏياري جي موقعي تي رليز ڪيو ويندو.
فلم جو پروڊيوسر بوني ڪپور ۽ هدايتڪار انيس بزمي آهي.
You might also like