مشهور مزاحيا فنڪار جاويد ڪوڊو لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسٽيج ۽ ٽي وي جو ناليواري ڪاميڊين اداڪار جاويد ڪوڊو لاڏاڻو ڪري ويو.
گهر ڀاتين موجب جاويد ڪوڊو گهڻي عرصي کان بيمار ۽ جنرل اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
پنهنجي ننڍي قد سبب مشهور اداڪار جاويد ڪوڊو اسٽيج ڊرامن سميت ڪيترين ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، هن ”عينڪ والا جن ۽ آشيانا“ جهڙن درامن ۾ به ڪم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.