لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد افغانستان مان آپريٽ ڪري رهيا آهن، افغانستان دهشتگردن کي لغام وجهي.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته دوحا معاهدي تي عمل ڪري ۽ دهشتگردن کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏئي پر ڪالعدم دهشتگردن تنظيمون افغانستان مان آپريٽ ڪنديون آهن ۽ ڪيترن ئي پاڪستانين کي شهيد ڪري چڪيون آهن.
هن چيو ته پاڪستاني عوام، فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، اسان پاڙيسري تبديل نٿا ڪري سگهون پر اهو ان تي ٿو ڀاڙي ته اسان کي سٺي پاڙيسري جيان رهڻو آهي يا تڪرارن ۾ رهڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي ليڊرشپ ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، خوشحال پاڪستان اسان جي منزل آهي.
You might also like