اسرائيل بابت پاليسي تبديل ناهي ٿي، شهرين جي وڃڻ جو علم ناهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته غزا ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، پاڪستان جي اسرائيل بابت پاليسي تبديل ناهي ٿي، جڏهن ته پاڪستانين جي اسرائيل وڃڻ بابت ڪا ڄاڻ ناهي.
هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستانين جي اسرائيل وڃڻ بابت خبرن جي ڄاڻ گڏ ڪري رهيا آهيون، صورتحال واضح ٿيڻ تي تبصرو ڪيو ويندو.
هن چيو ته پاڪستان جا ميزائل ۽ دفاعي صلاحيتون ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ آهن، جوهري پروگرام مڪمل طور محفوظ آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته سفري ايڊوائزري جاري ٿيڻ ڪنهن به ملڪ جو پنهنجو معاملو آهي پر آمريڪا جي پاڪستان تي پابندين تي اطلاعن ۾ ڪا سچائي ناهي، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ان جي ترديد ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت اڃا تائين جعفر ايڪسپريس ٽرين حملي جي مذمت ناهي ڪئي، ڀارت جو پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ واضح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.