ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ جي نياڻي فاطمه ڀٽو ڀاءُ جي سياسي ميدان ۾ قدم رکڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي ڀاءَ کي مشعل راهه قرار ڏيندڙ فاطمه ڀٽو سياسي خاندان جي سپوت ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪندي هن پنهنجي ڀاءُ سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو، فاطمه پنهنجي ڀاءُ جي پيغام کي ري شيئر ڪيو.
فاطمه ڀٽو لکيو ته منهنجو ڀاءُ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر زندگي ۾ جيڪو به رستو اختيار ڪري، کيس منهنجي مڪمل حمايت حاصل آهي، مان سدائين ان سان گڏ بيٺي رهنديس.
You might also like