ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سياست ۾ اچڻ کانپوءِ پهريون بيان جاري ڪري ڇڏيو.
انسٽاگرام ۽ ايڪس تي پنهنجو ڊگهو بيان هن چئن مختلف ٻولين سنڌي، انگريزي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ جاري ڪيو.
پنهنجي بيان ۾ هن واضح ڪيو ته مان پنهنجي پيءُ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ميراث کي اڳتي کڻي هلندس پر مون وٽ پيءَ جي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ۾ ڪو عهدو يا رڪنيت ناهي.
سندس چوڻ هو ته مون کي سياست جو تجربو ناهي ۽ في الحال مان پاڪستاني عوام وٽان سياست سکي رهيو آهيان ۽ انهن جا مسئلا ٻڌي رهيو آهيان، جيڪو تمام گهڻو ضروري آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پنهنجي بيان پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ چيو ته منهنجو رستو پنهنجو آهي پر ڪجهه ماڻهو منهنجو نالو استعمال ڪري سياست ڪري رهيا آهن.
هن نيڪ خواهشن ۽ دعائن جي درخواست ڪندي اهو به واضح ڪيو ته جيڪي بيان يا تبصرا سندس آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جاري ٿين، رڳو انهن تي ئي يقين ڪيو وڃي، ٻئي ڪنهن ذريعي کان ايندڙ ڄاڻ يا بيانن سان سندس ڪو واسطو ناهي ۽ نه هو ان جو ذميوار آهي.
You might also like