ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ارڙي جو مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو ۽ شهر جي مختلف اسپتالن ۾ ڪيترن ئي ٻارن کي داخل ڪيو ويو آهي.
سنڌ انفيڪشيئس ڊيزيز اسپتال جي وارڊ انچارج ڊاڪٽر عرفان موجب اسپتال ۾ ارڙي جا 17 مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته ان مرض ۾ ورتل 8 ٻار هڪ سال کان به گهٽ عمر جا آهن.
ٻارن جي مرضن واري قومي اداري ۾ به ارڙي جي مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي ۽ روز 6 کان وڌيڪ ٻار ايمرجنسي ۾ اچي رهيا آهن.
هوڏانهن سول اسپتال ۾ به روز 4 کان 6 نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، جتي ڪل 12 مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته عباسي شهيد اسپتال ۾ 6 ۽ قطر اسپتال اورنگي ۾ هلندڙ سال هيل تائين 12 مريض آندا ويا آهن.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ارڙي وائرل بيماري آهي، جيڪا اڪثر ٻارن کي ٿيندي آهي، حفاظتي ٽڪا نه لڳرائيندڙ ٻار ارڙي جو شڪار ٿيندا آهن، ان جون شروعاتي علامتون نزلو، زڪام، کنگهه ۽ خارش آهن.
طاهرن موجب ارڙي مدافعتي قوت کي به متاثر ڪندي آهي، جڏهن ته مرض شدت اختيار ڪرڻ تي موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿو.
You might also like