اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عورتن کي سڀني شعبن ۾ مرڪزي ڌاري ۾ آڻڻ سان ئي ملڪ کي عظيم بڻائي سگهجي ٿو.
عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسب سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۾ عورتن جو ڪردار اهم آهي، وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي منصوبي تي عمل ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن جي سهڪار ۽ تربيت کي يقيني بڻائڻو پوندو، حڪومت وومين امپاورمينٽ لاءِ پرعزم آهي، ان لاءِ اسان کي ڊگهو سفر طئي ڪرڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتون بااختيار ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته عورتن کي درآمد، برآمد جي شعبن سميت مرڪزي ڌاري ۾ آڻڻو پوندو، اهو ئي طريقو آهي جنهن سان پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو.
You might also like