نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر ميرٺ ۾ مقرر 44هين بٽالين پي اي سي جي هڪ سپاهي ڊيوٽي ۾ لاپرواهي جو سبب ٻڌائيندي اهڙو جواب ڏئي ڇڏيو جو ڪمانڊر به وائڙو ٿي ويو.
سپاهي لکت وضاحت ۾ دعويٰ ڪئي ته زال خواب ۾ ايندي آهي، سيني تي چڙهي ويهندي آهي ۽ رت پيئندي آهي، جنهن سبب سڄي رات سمهي ناهيان سگهندو ۽ هر وقت پريشان رهندو آهيان.
سپاهي جي مسلسل غير حاضري ۽ خراب ڊسيپلين کي ڏسندي آفيسرن کانئس لکت جواب طلب ڪيو هو پر جڏهن سپاهي جي وضاحت سامهون آئي ته ڪمانڊر به حيران رهجي ويو.
سپاهي جو چوڻ هو ته زال جي ڏنل عذاب سبب وقت تي ڊيوٽي تي ناهيان پهچي سگهندو، مان ان پريشاني مان نڪرڻ لاءِ خدا جي پناهه چاهيان ٿو.
سپاهي جو اهو خط سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنهن تي مختلف تبصرا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته بٽالين اختيارين ان سپاهي کي ذهني مشاورت ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
آفيسرن موجب اهو سپاهي اڪثر بدحواس نظر ايندو آهي، ان جي يونيفارم غير معياري هوندي آهي ۽ سدائين دير سان ايندو آهي، جنهن سبب ان خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
”زال خواب ۾ اچي رت چوسيندي آهي“ دير سان ڊيوٽي تي ايندڙ سپاهي جي وضاحت ڪمانڊر کي به دنگ ڪري ڇڏيو
You might also like