لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽاڪر دانيا شاهه ۽ سندس مڙس شهزاد لوها پاڙ هڪ روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.
حڪيم شهزاد لوهاپاڙ ۽ دانيا شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هئا ته اوچتو هڪ موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو.
حڪيم شهزاد موجب، موٽر سائيڪل تيز رفتاري سان غلط روٽ تان آئي ۽ سندن گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، موٽر سائيڪل تي زال مڙس سوار هئا، جن مان مرد ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي.
حڪيم شهزاد ٻڌايو ته گاڏي سندن ڊرائيور هلائي رهيو هو جنهن ۾ ڪيمرا مين ۽ ٻيو اسٽاف به موجود هو، دانيا شاهه به گاڏيءَ ۾ موجود هئي پر هوءَ محفوظ رهي.
حادثي جي شدت ايتري هئي جو حڪيم شهزاد جي گاڏي کي تمام گهڻو نقصان پهتو، کيس مٿي تي ڌڪ لڳا، جنهن سبب هو بيهوش ٿي ويو.
هن نشي ۾ گاڏي هلائڻ جي الزامن کي رد ڪندي وضاحت ڪئي ته گاڏي سندس ڊرائيور هلائي رهيو هو ۽ هو پاڻ به حادثي تي صدمي ۾ آهي.
حڪيم شهزاد جو چوڻ هو ته سندس گهرواري دانيا شاهه ٺيڪ آهي، جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿيل همراهه جي گهرڀاتين جي مالي مدد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
ياد رهي ته دانيا شاهه گذريل سال جولاءِ ۾ حڪيم شهزاد سان شادي ڪئي هئي، ان کان اڳ فيبروري 2022 ۾ هن مشهور عالم ۽ سياستدان مرحوم عامر لياقت سان شادي ڪئي هئي، جيڪو جون 2022 ۾ وفات ڪري ويو هو.
Prev Post
You might also like