دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت چيمپيئنز ٽرافي جي پهرئين سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
دبئي ۾ ڪينگروز طرفان مليل 265 رنسن جو هدف ڀارت 11 بال اڳ ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڀارت طرفان ويرات ڪوهلي 84 رنسن جي اننگز کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، شرياس ائير 45، راهول 42، ڪپتان روهت شرما ۽ هارديڪ پانڊيا 28-28، اڪشر پٽيل 27 رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 49.3 اوورن ۾ 264 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
ڪپتان اسٽيو سمٿ 73 رنسن سان اڳڀرا رهيو، ايليڪس ڪيري 61، ٽريوس هيڊ 39، لبوشين 29 رنسون ٺاهيون.
چيمپيئنز ٽرافي جو ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي ڏکڻ آفريقا ۽ نيوزيلينڊ ۾ کيڏيو ويندو، فاتح ٽيم 9 مارچ تي ڀارت سان فائنل کيڏندي.
You might also like