روسي شڪاري سال جي سڀ کان وڏي مارخور جو شڪار ڪري ورتو

چترال (ويب ڊيسڪ) چترال ۾ روسي شڪاري هلندڙ سال سڀ کان وڏو مارخور شڪار ڪري ورتو.
ڊويزنل فاريسٽ آفيسر رضوان الله يوسفزئي موجب چترال جي گول نيشنل پارڪ ۾ شڪار ڪيل نان ايڪسپورٽيبل مارخور جي عمر 14 سال ۽ سڱن جي سائز 55 انچ آهي، شڪار ڪيل جانور جا سڱ ۽ کل ٻاهر نٿي کڻي وڃي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته روسي شڪار اليڪسي ڪمپ 71 هزار آمريڪي ڊالر (تقريبن ٻه ڪروڙ رپيا) ادا ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.