ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان ٻن روڊ حادثن ۾ نينگر فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ميھڙ انڊس ھاءِ وي ڊگري ڪاليج ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ 12 ورھين جي پورھيت نينگر شاھزيب پٽ ذوھيب کوسو مٿان چڙھي وئي، جنھن سبب ٻارڙو موقعي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته فوتي نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
هوڏانهن ميھڙ ٻيٽو باءِ پاس تي تيز رفتار ڪار سامھون ايندڙ رڪشا کي بچائيندي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنھن سبب ڪار سوار ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نوجوان علي گھانگھرو، نعمان گھانگھرو ۽ ڪامران ڪلهوڙو شامل آھن.
زخمين کي تعلقي اسپتال پهچائڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو.
You might also like