ڪڪڙ جي ٻانگن سبب مالڪ تي 12 لک رپيا ڏنڊ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ڳوٺ نيوٽوپٽن واسي ڊيرڪ باور کي پنهنجي ڪڪڙ سبب 3 هزار پائونڊ (11.71 لک رپيا) ڏنڊ ڀرڻو پئجي ويو.
ڊيرڪ باور جي پاڙيسرين شڪايت ڪئي هئي ته ڪڪڙ صبح سوير ٻانگهون ڏيندو آهي، هو سمهي ناهن سگهندا ۽ تنگ ٿيندا آهن.
مقامي حڪومت گهر جي ڀرسان آواز رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڊوائس لڳائي ته انڪشاف ٿيو ڪڪڙ صبح جو رڳو 50 منٽن ۾ 80 ٻانگون ڏيندو آهي.
مقامي حڪومت ڊيرڪ کي نوٽيس موڪليو ته مسئلو حل ڪري پر ڳوٺاڻي ان کي نظرانداز ڪيو، نيٺ حڪومت ڪيس ميجسٽريٽ کي موڪليو، جنهن ڊيرڪ تي ڳرو ڏنڊ هڻي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.