اڄڪلهه دنيا ۾ هٿرادو ذهانت (اي آءِ) جا چرچا عام آهن ۽ هر شعبي ۾ ان جي فائدن تي بحث ٿي رهيو آهي.
ان حوالي سان هڪ دلچسپ خبر سامهون آئي آهي، هڪ ريڊاٽ (Reddit) واهپيدار دعويٰ ڪئي آهي ته چيٽ جي پي ٽي کيس ڪيترين ئي نوڪرين لاءِ انٽرويوز ڏياريا، جن مان ڪجهه نوڪريون ته سندس قابليت کان به وڌيڪ هيون.
ريڊاٽ واهپيدار موجب هن چيٽ جي پي ٽي کي پنهنجو پروفائل ۽ جاب جا تفصيل فراهم ڪيا ۽ درخواست جاب موجب موڪلڻ جي هدايت ڪئي، ان حڪمت عملي جي نتيجي ۾ کيس نه رڳو انٽرويوز جون دعوتون وصول ٿيون پر ڪجهه اهڙي جابز لاءِ به گهرايو ويو، جن کي هو پنهنجي قابليت کان مٿي ٿو سمجهي.
سندس چوڻ هو مون کي حيرت انگيز طور تي ڪيترن ئي انٽرويوز جون درخواستون وصول ٿي رهيون آهن، مان بس عام انداز ۾ درخواستون موڪليندو آهيان ۽ ڪيترين ئي ڪمپنين طرفان هاڪاري ردعمل ايندو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته نوڪري جون سندس درخواستون غير معمولي ۽ انتهائي متاثر ڪندڙ قرار ڏنيون پيون وڃن.
You might also like