رڳو 30 ڏينهن کنڊ نه کائجي ته ڇا ڇا ٿيندو؟

کنڊ جو گهڻي مقدار ۾ استعمال هونئن ته سڌيءَ ريت شگر ٽائيپ ٽو سان جوڙيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڪيترائي ماڻهو کنڊ جي استعمال کان پاسو ڪندا آهن.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن ٽيهه ڏينهن تائين لڳاتار کنڊ جو استعمال نه ڪجي ته جسم ۾ ڪهڙيون تبديليون اينديون؟

کنڊ کان مڪمل طور تي پرهيز عمر وڌڻ کي گهٽائڻ سان گڏ چمڙي جي خرابي به گهٽائيندي آهي ۽  چمڙي کي شگر جي مسئلن واري اثرن کي پڻ گهٽائي ٿي.

کنڊ کي هڪ مهيني تائين استعمال نه ڪجي ته توهان کي شگر کي نارمل رکڻ توڙي انسولين جي سطح کي برقرار رکڻ ۾ وڏي مدد ملندي جنهن سان شگر ٽائيپ ٽو ۽ ٻين لاڳاپيل بيمارين جا خطرا تقريبن ختم ٿي ويندا آهن.

هڪ مهيني تائين کنڊ نه کائڻ وارو عمل مٺاڻ تي ٻڌل ڪيلوريز جو مقدار به گهٽائيندو آهي ۽ وزن گهٽائڻ سميت ٿولهه کي روڪڻ ۾ پڻ وڏي مدد ڪندو آهي.

کنڊ گهٽائڻ توڙي ٺپ بند ڪرڻ سان ٻين فائدن سان گڏ ڏندن ۽ مهارن جي خرابي کان به حفاظت ملندي آهي.

لڳاتار کنڊ استعمال نه ڪرڻ سان فرڪٽوز سان ڀرپور مٺي کاڌن جي ڪري چرٻي واري جگر جي بيماري NAFLD جا خطرا به گهٽجي ويندا آهن.

کنڊ نه کائڻ سان هاءِ بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ ٽرائگليسرائيڊ جي سطح کي گهٽائي دل جي بيماري جي خطرن کي به گهٽائي سگهجي ٿو.

کنڊ کان پرهيز ڪرڻ سان کنڊ جي استعمال سان جڙيل مسئلن توڙي ڊپريشن جي علامتن کي به گهٽائي سگهجي ٿو.

کنڊ نه کائڻ سان جسم ۾ توانائي جي سطح کي برقرار رکڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.