ڀارت کانپوءِ نيوزيلينڊ به چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو، پاڪستان ۽ بنگلاديش آئوٽ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارت کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم به لڳاتار ٻن ڪاميابين سان چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون.
راولپنڊي ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ڇهين ميچ گروپ اي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 236 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي ڪپتان نجم الحسين شانتو 77 رنسن جي اننگز کيڏي، جاڪر علي 45، راشد حسين 26، تنزيد حسن 24 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
نيوزيلينڊ طرفان مچل بريسويل 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته ول او رورڪي 2، ميٽ هينري ۽ ڪيل جيميسن 1-1 وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 46.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو، راچن رويندرا 112 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ٽام ليٿم 55، ڊيون ڪانوي 30، گلين فلپس 21، مچل بريسويل 11 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي تسڪين احمد، ناهيد رانا، مستفيض الرحمان ۽ راشد حسين هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
گروپ اي مان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون لڳاتار ٻه ٻه ميچون کٽي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.