ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ جاري آهي، جنهن ۾ مشهور اداڪار جي پٽ جو نالو به سامهون اچي ويو.
ڪراچي مان گرفتار مشهور ٽي وي اداڪار ساجد حسن جي پٽ ساحر خلاف اسپيشلائزڊ انويسٽيگيشن يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو.
ايس آءِ يو پوليس موجب ساجد حسن جي پٽ ساحر وٽان پرڏيهي برانڊ جي منشيات ملي آهي، ساحر گذريل ٻن سالن کان منشيات وڪرو ڪندو هو، جوابدار جي قبضي مان 50 لک رپيا ماليت جي منشيات ملي آهي ۽ هو ارمغان کي به منشيات وڪرو ڪندو هو.
پوليس موجب جوابدار ساحر اهم انڪشاف ڪيا آهن، هن ٻڌايو ته هو گذريل ٻن سالن کان منشيات وڪرو ڪندو آهي، جوابدار موجب هو بازل ۽ يحيٰ نالي منشيات فروشن کان ڊرگز حاصل ڪري شهر جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندو هو.
ايس آءِ يو پوليس موجب ساحر حسن کي ڊفينس فيز 6 خيابان راحت مان گرفتار ڪيو ويو، سندس خلاف منشيات جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
Next Post
You might also like