گنگا ۾ وهنجندڙ عورتن جون وڊيوز ٺاهي کپائڻ جو انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي سڀ کان وڏي مذهبي اجتماع ”مها ڪمڀ ميلي“ دوران مقدس سمجهي ويندڙ ندي گنگا ۾ اشنان (وهنجندڙ) عورتن جون وڊيوز ۽ تصويرون وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪيترن ئي فيس بڪ پيچن ۽ گروپن سميت انسٽاگرام ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ماڻهو گنگا ۾ اشنان ڪندڙ عورتن جون اڌ اگهاڙيون ۽ بي لباس حالت ۾ وهنجڻ جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪري انهن کي وڪڻندي نظر آيا.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي عورتن جي اشنان ڪرڻ جون مختلف اينگلز سان ٺاهيل وڊيوز ۽ تصويرون بلر ڪري مڪمل پهچ لاءِ وڪرو ڪيون پيون وڃن.
رپورٽ موجب عورتن جي وهنجڻ وقت ماڻهو موبائلن سميت ٻين ڪيمرائن مان مختلف اينگلز سان وڊيوز ۽ تصويرون ٺاهيندي نظر ايندا آهن، جنهن کانپوءِ اهي انهن کي وڪرو ڪندا آهن.
امڪاني طور گنگا ۾ اشنان ڪندڙ عورتون جون وڊيوز ۽ تصويرون مختلف فحش ويب سائيٽن کي به وڪرو ڪيون وينديون آهن.
واضح رهي ته هندو مذهب جا پيروڪار مرد ۽ عورتون گنگا ۾ اشنان کي مذهبي فرض سمجهندا آهن ۽ انهن جو عقيدو آهي ته اشنان ڪرڻ سان ڏوهه ختم ٿي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.