وزيراعظم جي بحرين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف سان بحرين جي ڪائونسل آف ريپريزنٽيٽو جي اسپيڪر احمد بن سلمان مسالم جي قيادت ۾ 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا ڀائراڻا لاڳاپا انتهائي مضبوط ۽ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پارلياماني وفدن جون ڳالهيون انتهائي اهم آهن.
هن پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.