ڪراچي جي بجلي واهپيدارن لاءِ سٺي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي 4 رپيا 95 پيسا في يونٽ سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ۾ بجلي جي قيمت 4 رپيا 95 پيسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ واهپيدارن کي 4 ارب 94 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو.
بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي جي درخواست فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تي نيپرا طرفان 26 فيبروري تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.