راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ٻه قيدي لاڏاڻو ڪري ويا.
ذريعن موجب روات واسي قيدي محمد امين اڊيالا جيل ۾ دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو، کيس دل جي تڪليف سبب جيل مان راولپنڊي ڪارڊيالاجي اسپتال نيو ويو پر هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.
جيل ذريعن ٻڌايو ته فوتي قيدي چيڪ ڊس آنر جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ هو.
اڊيالا جيل جو ٻيو قيدي الياس نذر به لاڏاڻو ڪري ويو، جيل ذريعن موجب الياس نذر کي صحت جي خرابي سبب پمز اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته الياس نذر منشيات جي ڪيس ۾ قيد هو.
You might also like