ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي، گهٽ کان گهٽ ڀاڙو 50 رپين مان وڌائي 80 رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 100 رپين جي جاءِ تي 120 رپيا وصول ڪيا ويندا.
سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو ڀاڙن ۾ واڌ جي تصديق ڪندي چيو ته 10 ڪلو ميٽرن تائين ڀاڙو 80 رپيا هوندو ۽ ان کانپوءِ ڀاڙو 120 رپيا وصول ڪيو ويندو.
شهرين ڀاڙي ۾ 30 رپيا واڌ کي ظلم قرار ڏيندي پراڻو ڀاڙو برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
You might also like