آمريڪي جهاز قلابازيون کائيندو هيٺ ڪِري تباهه

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فضائيا جو جديد ترين ويڙهاڪ جهاز ايف 35 ڪري تباهه ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي فضائيا جو ايف 35 ويڙهاڪ جهاز الاسڪا ۾ آمريڪي ايئر فورس بيس تي ڪري تباهه ٿيو، جڏهن ته هڪ سيٽ واري جهاز جو پائلٽ حادثي کان اڳ بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
آمريڪي ويڙهاڪ جهاز جي تباهه ٿيڻ جي وڊيو منظر تي آئي آهي، جنهن ۾ جهاز کي قلابازيون کائيندي هيٺ ايندي ۽ زمين سان ٽڪرائجي تباهه ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.
آمريڪي فضائيا جي اختيارين حادثي کي وڏي تباهي قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ترجيح هميشه اسان جا جوان آهن ۽ اسان پنهنجي اهلڪارن جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ يقيني بڻائينداسين.
اختيارين موجب آمريڪي فضائيا هر صورت ۾ حادثي جي جاچ کي يقيني بڻائيندي، جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙا حادثا گهٽ کان گهٽ پيش اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.