ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ ٿڌ وڌڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ گذريل ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ گرمي پَد 9.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 9 کان 11 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان 11 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن جو گذر آهي، جن ۾ گهه جو تناسب 41 سيڪڙو آهي.
ٻئي پاسي ماهر موسميات جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ آچر يا اڱاري کان گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان آهي.
هن ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ آچر يا اڱاري تي رات جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11 کان 13 ڊگري ۽ ڏينهن جو گرمي پد 26 کان 28 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.