هويسٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي ڪري صائم ايوب جو مستقبل داءَ نٿا لڳائي سگهون.
هيوسٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ ٻه ڏينهن ۾ صائم ايوب جو پلاسٽر لهي ويندو.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته مان پاڻ صائم جي انجري کي مانيٽر ڪري رهيو آهيان.
چيئرمين پي سي بي اهو به چيو آهي ته مان روزاني بنيادن تي صائم ايوب سان رابطو ڪندو آهيان.
واضح رهي ته پاڪستان جو اوپنر صائم ايوب ساڄي کڙي ۾ فريڪچر سبب 6 هفتن تائين ڪرڪيٽ کان ٻاهر آهي.
صائم ايوب کي هي فريڪچر ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن فِيلڊنگ ڪندي ٿيو هو.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 11 فيبروري تائين حتمي اسڪواڊ جو اعلان لازمي آهي.