ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي تي تي اڄ ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن ڏانهن ڪارو ڏينهن ملهايو ويو.
آزاد ڪشمير ۾ ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويو. گادي واري هنڌ مظفرآباد ۾ آزادي چوڪ تي ڪشميرين احتجاج ڪيو ۽ گھڙي پن چوڪ تائين ريلي نڪالي.
ميرپور، سماهني ڪنٽرول لائين، ڀمبر، اَٺ مقام، وادي نیلم سميت آزاد ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ غير قانوني قبضي خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون.
مظاهرين جو چوڻ هو ته جيستائين ڪشميرين کي خود اراديت وارو حق نٿو ڏنو وڃي، تيسيتائين ڀارت جو يومِ جمهوريه ڪشميرين لاءِ ڪارو ڏينهن آهي.
مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غير قانوني قدمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي انهن جو حقِ خود اراديت ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.