ڌرتي جا حيران ڪندڙ راز، مائونٽ ايورسٽ کان سئو ڀيرا ڊگهيون چوٽيون دريافت، ماهر دنگ رهجي ويا

سائنسدانن موجب زمين جون سڀ کان بلند چوٽيون، جيڪي هن وقت دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ کان 100 ڀيرا ڊگهيون آهن، افريڪا ۽ پئسفڪ سمنڊ جي سرحد جي وچ ۾ دريافت ٿيون آهن.

جرنل نيچر ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي چوٽيون زمين جي مٿاڇري تي نه پر ان جي اندر موجود آهن. انهن جي ڊيگهه تقريباً 1000 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته مائونٽ ايورسٽ صرف 8.8 ڪلوميٽر ڊگهو آهي.

ماهرن جو اندازو آهي ته اهي چوٽيون گهٽ ۾ گهٽ 50 ڪروڙ سال پراڻيون آهن ۽ انهن جي ٺهڻ جو عمل 4 ارب سال اڳ شروع ٿيو هو.

تحقيق موجب، اهي چوٽيون زمين جي مرڪز ۽ اندروني پرت جي وچ ۾ سرحد جي حيثيت رکن ٿيون، جتي ٽيڪٽونڪ پليٽن جو قبرستان به موجود آهي. سائنسدانن کي اڳ ۾ ئي شڪ هو ته زمين جي اندر وڏا ڍانچا لڪيل آهن، پر هاڻي ان جي تصديق ٿي وئي آهي.

زلزلن جي لهرن جي تجزيي ذريعي، سائنسدان زمين جي اندر تصوير ٺاهي ان جڳهه جو جائزو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا. تحقيق مطابق، زلزلي جون لهرون انهن چوٽين جي ڀرسان سست ٿي ويون، جنهن سبب انهن کي دريافت ڪرڻ ممڪن ٿيو.

انهن چوٽين کي ٽيڪٽونڪ پليٽن کان وڌيڪ گرم سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا هن دريافت کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.