ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڀارت پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي.
ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ طرفان مليل 133 رنسن جو هدف ڀارت 12.5 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
ڀارت جي اڀيشيڪ شرما 79 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، سنجو سيمسن 26 ۽ تلڪ ورنا 19 رنسن سان اڳڀرا رهيا، انگلينڊ جي جوفرا آرچر ٻه ۽ عادل رشيد هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ انگلينڊ جي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 132 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
انگلش ڪپتان جوز بٽلر 68 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، هيري بروڪ 17 ۽ آرچر 12 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
ڀارت طرفان ورون چڪرورٿي 3، ارشديپ سنگهه، هرديڪ پانڊيا ۽ اڪشر پٽيل 2-2 وڪيٽون ورتيون.
You might also like