پاڻي معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون، سنڌ بنجر بڻجي وئي (شيري رحمان) پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي ٿو کڻي: عرفان صديقي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي حڪومت ۽ اتحادي پيپلز پارٽي آمهون سامهون ٿي ويون، سينيٽر شيري رحمان حڪومت تي سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهي سنڌ جي پاڻي مان ڪٽوتي ڪرڻ جو الزام هنيو، جڏهن ته سينيٽر عرفان صديقي واضح ڪيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪينال ٺاهي رهيو آهي ته ان ۾ ڪا اعتراض جي ڳالهه ناهي.
سينيٽ اجلاس ۾ پ پ سينيٽر شيري رحمان سنڌو درياهه تي ڪمرشل ڪموڊٽي فارمنگ لاءِ بيراج، ڊيمز ۽ ڪينال جي تعمير بابت تحريڪ التوا پيش ڪئي.
هن چيو ته ان معاملي تي سنڌ ۾ احتجاج ٿيو آهي ۽ حڪومت فيصلو ڪرڻ کان اڳ سنڌ سان ڪو به مشورو نه ڪيو، جڏهن ته سي ڊي ڊبليو پي اجلاس ۾ وڏي وزير پنهنجي سخت اعتراض جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته چولستان جي ريگستان کي سرسبز بڻائڻ لاءِ پاڻي تبديل ڪيو پيو وڃي.
شيري رحمان سوال اُٿاريو ته 7 ملين ايڪڙ اراضي ڪيئن زرخيز بڻائينداسين جڏهن پاڻي ئي ناهي، ڪوٽڙي ۽ گڊو کانپوءِ سنڌو درياهه ڀريل هوندو هو، هاڻ اها صورتحال ڪٿي آهي، سڀ ڄاڻين ٿا ته پاڻي گهٽ آهي.
هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي پر اتان جا شهري پاڻي ڦڙي لاءِ سڪن ٿا، ڪراچي ۾ ماڻهن وٽ وسيلا آهن پوءِ به پاڻي جي اها صورتحال آهي، هڪ صوبو رڙيون ڪري رهيو آهي پر ڪير نٿو ٻڌي.
سندس چوڻ هو ته جيڪا ڊيٽا هتي پيش ڪئي وئي آهي، اها حقيقت جي ابتڙ آهي، ارسا پاڻ 25 سالن کان پاڻي جي گهٽتائي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ارسا چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي پاڻي ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رهي آهي، اهو مسئلو 40 سالن کان رهيو آهي، ان معاملي تي سنڌ ۽ بلوچستان کي ٻڌڻ گهرجي ۽ هڪ ڪميٽي ٺاهي معاملي کي اٿاريو وڃي.
هن چيو ته اسان ورهاست جي سياست نٿا چاهيون، پاڻي جي ورڇ هڪ مبهم ۽ تڪراري مسئلو رهيو آهي، معاملي کي ٽيڪنيڪي ڳالهين سان وچڙايو، زمين خشڪ آهي، پنجاب اڪيلو پاڻي تي معاهدو نٿو ڪري سگهي، سنڌ بنجر بڻجي چڪي آهي، وفاق جون جيڪي به مجبوريون آهن سنڌ کي ٻڌائي.
شيري رحمان کي جواب ڏيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پنجاب پنهنجي پاڻي مان ڪينال ٺاهي رهيو آهي ته اعتراض نٿو ٺهي، اهڙيون ڳالهيون نه ٿين جو وفاق ٽٽي وڃي.
سينيٽ اجلاس ۾ پ پ جي الزام تي عرفان صديقي چيو ته معاهدي تحت جيڪڏهن پنجاب ڍنڍ ٺاهي رهيو آهي ته بحث نه ٿيڻ گهرجي، اهڙو فيصلو سامهون آڻيو، جنهن ۾ ٻئي صوبي جو حق ماريو ويو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.