ڪيترن ئي ماڻهن کي رات جو ننڊ ڪندي وات مان پاڻيءَ جي لارَ يا گِگ وهندي آهي، اهو مسئلو ٻارن توڙي وڏن جي لاءِ هڪ جهڙو ئي ٿي سگهي ٿو پر وڏي عمر جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ننڍي ٻارن کي اهو مسئلو وڌيڪ يا عام هوندو آهي.
اڄ اسان اوهان کي ننڊ ڪندي وات مان اها وهندڙ ”لار“ يا گِگَ ختم ڪرڻ جو تمام سولو طريقو ٻڌائينداسين.
جنهن به ٻار يا وڏي جي وات مان ننڊ ڪندي وات مان لار وهندي هجي ته اهو ڦٽڪي جي پاڻي جون گرڙيون ڪري، ڏينهن ۾ هڪ ٻه ڀيرا ڦٽڪي جي پاڻي جون گرڙيون ڪرڻ سان ٿوري ئي ڏينهن ۾ وات مان وهندڙ لار بند ٿي ويندي.
ڦٽڪي اينٽي جراثيم خاصيتون رکڻ جي ڪري توهان جي وات کي ڪيترن ئي بيمارين کان محفوظ به رکندي آهي، هاڃيڪار جراثيم مرڻ ڪري توهان مختلف خطرناڪ بيمارين کان به بچي سگهو ٿا.
ڇو ته معدي سميت پيٽ جو تقريبن سڀ جو سڀ بيماريون وات ذريعي ئي جسم ۾ داخل ٿينديون آهن اهو ئي سبب آهي ته وات کي صاف سٿرو رکڻ جي تائيد ڪئي وڃي ٿي.
جيڪڏهن توهان ڦٽڪي جون گرڙيون ڪندا ته هڪ ته توهان جي اها لار اچڻ بند ٿي ويندي ٻيو ته توهان ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ به رهي سگهو ٿا.
وات مان وهندڙ لار بند ڪرڻ لاءِ دال چيني جي چانهه يا ڪاڙهو پيئڻ به هڪ ٽِپ فائديمند هوندو آهي.