ڪرم: بگن آپريشن جي متاثرن لاءِ هنگو ۾ عارضي ڪيمپ قائم ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪرم جي علائقي بگن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جي متاثرن لاءِ هنگو ۾ عارضي ڪيمپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر هنگو گوهر زمان موجب محمد خواجا علائقي ۾ بگن متاثرن لاءِ عارضي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي، سوين ايڪڙ ايراضي تي هزارين خاندانن لاءِ خيما وسندي قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪيمپ ڀرسان اسڪول، مسجدون ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن.
ان حوالي سان ڊي سي ٻڌايو ته پي ڊي ايم اي خيمن سميت ٻئي سامان جون 22 ٽرڪون فراهم ڪندي، ضلعي انتظاميا کي 4 ٽرڪون سامان ملي ويو آهي ۽ اڄ کان ڪيمپ جي قيام تي ڪم شروع ڪيو ويندو.
ڊي سي هنگو موجب لڏپلاڻ ڪندڙ ڪرم متاثرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
واضح رهي ته لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ کاڌي پيتي جو سامان کڻي ويندڙ گاڏين جي قافلي تي حملو ٿيو هو، جنهن کانپوءِ اختيارين علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.