نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر ڪلڪتي ۾ 31 ورهين جي ٽريني ڊاڪٽرياڻي سان لڄالٽ ۽ قتل جي الزام ۾ گرفتار جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب 18 جنوري تي عدالت اڳوڻي پوليس رضاڪار سنجي راءِ کي ڪيس ۾ ڏوهي قرار ڏنو هو، جنهن جو فيصلو اڄ 20 جنوري تي ٻڌايو ويو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته پيش ڪيل ثبوتن سان سنجي راءِ تي الزام ثابت ٿئي ٿو، عدالت سنجي کي موت جي سزا ڏيڻ جي سي بي آءِ جي اپيل رد ڪندي عمر قيد جو حڪم ڏنو.
ڀارتي ميڊيا موجب جوابدار عدالت ۾ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو بي ڏوهه آهي ۽ کيس ڦاسايو ويو آهي، جڏهن ته سي بي آءِ کانئس ڪجهه دستاويزن تي زبردستي صحيحون به ڪرايون آهن.
هوڏانهن مقتولا جي ماءُ عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي ته جوابدار اڪيلو نه هو پر ان سان گڏ ٻيا ماڻهو به هئا، اسان کي انتظار آهي ته باقي ماڻهو به گرفتار ٿيندا ۽ انهن کي به سزا ملندي.
واضح رهي ته ٽريني ڊاڪٽرياڻي جو لاش 9 آگسٽ 2024 تي ڪلڪتي جي سرڪاري ميڊيڪل ڪاليج جي ڪلاس مان مليو هو ۽ پوسٽ مارٽم ۾ لڄالٽ جي تصديق ٿي هئي.
Prev Post
You might also like